ليکڪ :زبيده مصطفيٰ
ترجمو: انيتا ڪمليشور
31 آگسٽ تي ماريه مونٽيسوري جي سالگره هئي. پاڪستان مونٽيسوري ايسوسيئيشن ان ڏينهن پنهنجي رهنما کي عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ باوقار تقريب جو انتطام ڪيو.پروگرام جي شروعات ايسوسيئيشن جي بانيءَ ۽ تعليمدان جي خدمتن سان ڪئي وئي. ان کان پوءِ پاڪستان ۾ سندس نقش قدم تي هلندڙ روشن مثالن جي محنت ۽ رتبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ گل مِن والا ۽ ٻين ساٿين جو ذڪر ٿيو. پروگرام ۾ فريده اڪبر کي خصوصي خراج پيش ڪرڻو هو، جنهن جو استادن جي تربيت ۾ وڏو ڪردار آهي، پر طوفان جي ڪري ان پروگرام کي ملتوي ڪرڻو پيو ۽ اها تقريب هفتي کان پوءِ منعقد ڪئي وئي.
چيو وڃي ٿو ته اهو طوفان فطرت جي طرفان هڪ انتقام هو. انهيءَ ۾ اسان لاءِ هڪ اشارو هو ته قدرت جي قانون سان ڇيڙ خاني نه ڪرڻ گهرجي. ساڳي ڳالهه ٻارن جي تعليم تي به صادق اچي ٿي. جيڪڏهن اسڪول جو تعليمي نظام فطرت پٽاندر درست ناهي ته اهو ٻارن کي تباهه ڪري ٿو ڇڏي. اها ئي اصطلاح آهي جيڪا ڊاڪٽر مونٽيسوري استعمال ڪندي رهي آهي.
آئون هتي ڊاڪٽر مونٽيسوري جي ڪتاب The Absobent Mind جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿي ته جيئن اها حقيقت ظاهر ٿي سگهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. “تعليم اِها ناهي جيڪا استاد ٻارن کي سيکاري ٿو، هي قدرت جواهڙو عطيو آهي جنهن ۾ ٻار پنهنجي حرڪتن سان پاڻ سکي ٿو. ٻار فقط استاد جو آواز ٻڌي ڪري تعليم حاصل نه ٿو ڪري بلڪه هُو پنهنجي آسپاس جي ماحول کي پنهنجي اندر جذب ڪري تجربا ڪري سکي ٿو.”
مونٽيسوري فلسفي جو خلاصو اهو آهي ته ٻار پنهنجي تعمير پاڻ ڪندو آهي ۽ اهو ئي تعميري عمل انهيءَ ڳالهه جو ضامن هوندو آهي ته هُو وڏو ٿي ڪهڙي قسم جو انسان ٿيندو. استاد جو ڪردار فقط ٻار جي شخصيت سازيءَ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. استاد اهڙو ماحول تيار ڪندو آهي جتي ٻار مختلف تجربا ڪندو آهي. ڊاڪٽر مونٽيسوري جو گھڻو زور ٻار جي نفسياتي ارتقا تي آهي، جيڪا پيدائش جي پهرئين ڏينهن کان ئي شروع ٿي ويندي آهي.
هيءُ هڪ خودمختيار عمل آهي جنهن جي مڪمل طابعداري ڪرڻ گهرجي. هر ٻار مختلف لاڙن، صلاحتين ۽ ڪمزورين سان گڏ دنيا ۾ ايندو آهي. ٻار کي انهيءَ ڳالهه جو شوق ڏيارڻ گهرجي ته هُو پنهنجي جبلت کي کوجيندي پنهنجي حاصلات جا مرحلا طي ڪري. نظم و ظبط ۽ يڪسوئي جي نالي تي ٻار کي روڪڻ ۽ ٽوڪڻ جي ڪوشش نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي. ٻارن کي لڪير جو فقير بنائڻ، تعليم ۾ سندن دلچسپي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
فريده اڪبر پنهنجي شاگردن کي چوندي هئي ته“ ٻارن جي پيروي ڪريو”. اهو ٻڌڻ ۾ ڪافي دلچسپ جملو آهي. آئون اڪثر سوچيندي آهيان ته ڇا اسان ڊاڪٽر مونٽيسوري جا ڪجهه اصول عمل ۾ آڻي پنهنجي ابتدائي تعليم کي ٻارن جو حامي نه ٿا بڻائي سگهون؟
مارچ 2023 ۾، مون گهٽ آمدني وارن 10 ٻارن سان هڪ تجربو ڪرڻ جو سوچيو. پاڙي جي هڪ ويجهي اسڪول ۾ مون کي هڪ ڪمري جي سهولت به ملي وئي، جتي مون “ آو کيلين مرڪز” جي نالي سان شروعات ڪئي. هفتي ۾ ٽي ڏينهن منجهند جو ٻن ڪلاڪن جوڪلاس ٿيندو هو. منهنجي دوست حوا محمد هڪ بهترين استادن جي تربيت ڪندڙ رهي آهي، جنهن مشهور تعليمي ۽ تربيتي ادارن ۾ ڪم ڪري پنهنجي ماهرانه صلاحتين ۾ واڌارو ڪيوآهي. هُوءَ ڇهن مهينن لاءِ منهنجي هن تجربي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ خوشيءَ سان راضي ٿي وئي. اسان لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز اهو هو ته فريده اڪبر هتي به اسان جي رهبر ۽ سرپرست جي حيثيت سان موجود رهي. مون کيس عرض ڪيو ته ٻارن سان موافق تعلقات ٺاهڻ ۾ حوا جي رهنمائي ڪري. حوا انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪندي آهي ته “فريده اڪبر سان گزاريل وقت سندس لاءِ هڪ بهترين حاصلات جو تجربوهو. هن ٻارن جي نفسيات جي باري ۾ منهنجي سمجهه ۾ واڌارو ڪيو. ان ڪم لاءِ سندس جذبو ذڪر لائق آهي. جڏهن به کيس ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته هوءَ مرڪز ۾ ضرور موجود هوندي هئي. ”
اسان گهڻو ئي تدريسي مواد جمع ڪيو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ رنگين تصويرن وارا ڪتاب، فليش ڪارڊ، ۽ ڪاغذ ۽ پينسلون وغيره شامل هئا. حوا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي هئي ته هر ٻار کي پنهنجي مرضي سان چُر پر ڪرڻ ۾ آزادي هجي ته جيئن سندس دلچسپي قائم رهي ۽ اهو ئي تعليم جو بنيادي اصول آهي. حوا انهيءَ ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکيو ته ٻار کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه. ساڻن نرمي سان ڳالهايو، مٿن مسلط نه ٿيو. جيڪو کيس سيکارڻ جي ضرورت آهي اهو عمل پاڻ دهرايو، ٻار پاڻ ئي توهان جي نقل ڪندو. جيڪڏهن ٻار کي ڪنهن عمل کان روڪڻو آهي ته کيس منع نه ڪريو بس سندس ڌيان ڪنهن ٻي دلچسپ شيءَ ڏانهن ڪرايو. پاڻ هڪ نرم گفتارشخصيت هئڻ ڪري حوا انهن ڳالهين تي تمام محنت سان ڪم ڪيو.
ٻار پنهنجي آسپاس جي ماحول سان تمام جلد هِري مِري ويا. تمام ٿوري عرصي ۾ هُو تيز رفتاريءَ سان ڪم ڪرڻ لڳا. هُو اردو ۾ پنهنجي لکيل نالن کي سڃاڻڻ لڳا ۽ پنهنجي مرضي مطابق ڪتابن جي چونڊ ڪرڻ لڳا، جيڪي حوا کين پڙهي ٻڌائيندي هئي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هُو جنهن ڪم کي ڪرڻ جو ارادوڪندا هئا ان ۾ سندن دلچسپي بي انتها هوندي هئي. هر ٻار تمام ڌيان سان ويهي ڪم ڪندو هو. سڀني کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هُو پنهنجي ڳالهه جو کلي ڪري اظهار ڪندا هئا، ڇو جو اسان جي ڳالهه ٻولهه اردو ۾ ٿيندي هئي ۽ اها ئي ٻولي هُو گهر ۾ به ڳالهائيندا هئا.
اسان قدرت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جو وقت ڏنو، ڇو جو ڪا جلدي ڪونه هئي. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته جڏهن ٻار جي آڱر ۽ اک جي پُتلي ۾ يڪسوئي ٿي وڃي ته هُو بغير ٻڌائي پاڻ ئي لکڻ شروع ڪري ڇڏيندو.
اسان ڪڏهن به ٻارن ۾ مقابلي واري ماحول کي نه همٿايو ۽ نه ئي سٺن ڪمن تي انعام ڏنو. ها اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته هُو هميشه خوش رهن. کين اهو ڪرڻ ڏنو جيڪو ڪلاس جي ماحول ۾ رهندي هُو ڪري سگهيا ٿي. اهڙي طرح هُنن پنهنجي ڪم جي تڪميل ۾ خوشي حاصل ٿي ڪئي ۽ اها خوشي ئي سندن انعام هو.
آئون هاڻي سمجهي وئي آهيان ته اسان جو موجوده تعليمي نظام خراب ڇو آهي. اسان ٻار تي گهڻو دٻاءُ وجهندا آهيون، کيس مقابلي لاءِ آماده ڪندا آهيون. ان ڳالهه اسان کي اهڙو ٺاهي ڇڏيو آهي جهڙا اسان نظر اچون ٿا. پنهنجي خواهشات جي حاصلات لاءِ لالچي، پر عزم ۽ جيڪو چاهيون حاصل ڪريون واري اصول تي عمل پيرا، ايستائين جو غلط ۽ صحيع ۾ به فرق نه ٿا ڪريون. ٻار جي واڌ ويجهه ۽ سکڻ ۾ کيس وقت ڏيو، اهو ئي ٻار جدت جي دنيا ۾ فطرت جو بهترين نمونو ثابت ٿيندو.