زبيده مصطفي
وقت پنهنجي رفتار سان پر لڳائي اُڏري وڃي ٿو ۽ اسان کي اهو محسوس به نه ٿيندو آهي ته اسان کان جدا ٿيندڙ شخص جي جدائي کي هڪ عرصوبه گذري ويو آهي. انهيءَ دوران ڪو اهڙو موقعو اسان کي جهنجهوڙي اسان کي اسان جو نقصان ياد ڏياريندو آهي. بلڪل ايئن ئي مون کي محسوس ٿيو جڏهن ڊاڪٽر ڪمليشور لوهاڻا مون کي فون ڪري چيو ته هُو پنهنجي بابا، ولي رام ولڀ (1941_ 2023 ) جي مان ۾ سندس پهرين ورسيءَ تي هڪ ميموريل ليڪچر ڪرائي رهيو آهي، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ ترجمن ذريعي اسان جي ثقافت ۽ معاشري کي زرخيز ڪيو.
ولي رام ولڀ پنهنجي ڪم کي انهيءَ رشتي جي ذريعي زنده رکيو جيڪو پاڻ مختلف طبقن وچ ۾ ترجمن ذريعي قائم ڪيو هئائون. سندن چواڻي “محبت زندگيءَ جو سڀني کان بنيادي جُز آهي.” اهو ئي سبب هو جو هُنن پنهنجو تخلص “ولڀ” يعني “محبوب” اختيار ڪيو. اصل ۾ هُو ترجمي نگار کان سواءِ هڪ صلاحيت مند شاعر ۽ ليکڪ به هئا.
هي ليڪچر نئين ٺهيل ادبي سوسائٽي جي نگرانيءَ هيٺ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سٽي پريس جي باني اجمل ڪمال ڪئي، جڏهن ته انساني حقن جي پاڪستاني تنظيم جوجنرل سيڪريٽري حارث خليق انهيءَ ليڪچر جو مقررهو. هي ٻئي ڄڻا پنهنجي ذات ۾ نالي وارا ليکڪ آهن. ٻنهي شخصيتن، عظيم ترجمي نگار ولي رام ولڀ جي علمي حيثيت ۽ سندن انساني قدرن جي مثالي اظهار کي بهترين انداز ۾ خراج پيش ڪيو.
ليڪچر جو موضوع بنيادي طور تي ترجمي نگاريءَ جي صنف هئي. ان موضوع سان متعلق مختلف رخ ۽ لاڙا بحث ۾ آندا ويا. ادبي صنفن جا ترجما مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ لائق بڻائيندا آهن ۽ سندن وچ ۾ امن جي واڌاري کي هٿي ملندي آهي، پر افسوس جو پاڪستاني ماڻهو ولي رام ولڀ جهڙي مترجم مان پوري طرح فائدو وٺي نه سگهيا ڇو جو هتي ترجمي جي صنف جو رواج اڻ لڀ آهي. اسان جي 2.4 ڪروڙ آبادي جو هڪ محدود طبقو ئي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تعليم جو نه هئڻ به ڪتاب نه پڙهڻ جي عادت جو وڏو سبب آهي.
هن تقريب جي ليڪچر, ساٿين جي بحث ۽ سوالن جوابن مون کي ولي رام ولڀ جي هڪ ڳالهه ياد ڏياري جيڪا پاڻ هڪ موقعي تي چئي هئائون:“ جنهن معاشري جا اخلاقي ۽ روحاني قدر جيترا بلند آهن، اتي جا ماڻهو ڪتابن کي اوترو ئي پيارڪن ٿا ۽ جڏهن تخليقي ادب عروج تي هوندو آهي ته ترجمو به اسرندو آهي.” آئون هتي انهيءَ ڳالهه جو اضافو ڪرڻ چاهينديس ته عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته سڀئي ادبي سرگرميون ڪنهن خاص ماڻهوءَ يا طبقي جي ذميداري آهن، ايستائين جو مطالعو به ادبي تخليق جو شروعاتي مرحلو آهي، جيڪو اجتمائي عمل جوئي نتيجو هوندو آهي ڇو جو مطالعي جو لاڙوهميشه ڪنهن ٻئي پڙهندڙ کان ملندو آهي. اهو پڙهندڙ ڀيڻ، ڀاءُ، دوست، استاد، والدين يا ڪو ڪتابي حلقو به ٿي سگهي ٿو. مطالعي کان پوءِ ڪتابن تي خيالن جي ڏي وٺ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ سرگرمي هوندي آهي. اسان جي اسڪولن ۾ لائبررين لاءِ جڳهه ۽ سهولتن کي “ضايع” ڪيوئي نه ٿو وڃي، ته ڇا اهڙي سماج ۾ اسان مطالعي جي عادت کي اُسرڻ جي اميد رکي سگهون ٿا؟
ساڳي طرح لکڻ به هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪردار هوندو آهي. مثال طور ڪتابن جا ڪجهه باب پڙهڻ يا ڇپائڻ کان اڳ ليکڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، ڪتابن ۾ ڊگهي مهربانين جا اعتراف ناما ۽ ارپنا هجڻ، منهنجي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته لکڻ به انفرادي عمل ناهي.، جيتوڻيڪ آخري ذميداري ليکڪ جي ئي هوندي آهي ڇو جو آخر ۾ سڀني راين ۽ خيالن کي گڏ ڪري هُو ئي فيصلو ڪندو آهي ته لکڻو ڇا آهي. ڇپجڻ کان پوءِ پڙهندڙن جي راين جي موٽ به لکندڙ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.
ولي رام ولڀ لاءِ اهي سڀ ادبي سرگرميون ترجمي جي عمل جو حصو هيون، جيڪي سندن اوسر ۾ مددگار رهيون. انهن مرحلن سان ماڻهن جي وچ ۾ تعلقات پيدا ٿين ٿا. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پاڻ انهن شروعاتي مرحلن تي تمام گهڻي روشني وڌائون. مثال طور اهي استاد جن ننڍي هوندي کين پڙهايو ۽ سندن صلاحيتن کي پرکڻ ۾ مدد ڪئي. انهن مان هڪ استاد راءِ چند راٺوڙ هو، جيڪو چيلهار (ٿرپارڪر) اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ جنهن پنهنجي لکيل ڪتاب “تاريخِ ريگستان ” جو هڪ نسخو کين تحفي ۾ ڏنو.
ايئن محسوس ٿئي ٿو ته علم حاصل ڪرڻ ۽ روشن خيالي ٻئي سندن جنون بڻجي چڪا هئا. اردو، سماجيات ۽ مواصلات جا ذريعا جهڙن ٽنهي مضمونن ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ايل.ايل.بي جي ڊگري به حاصل ڪيائون. ان کان سواءِ هُو سنڌي، اردو، ڍاٽڪي، سنسڪرت، پنجابي، فارسي۽ انگريزي ٻولين جا به ماهر هئا. اها سندن ٻولين سان محبت ئي هئي جنهن جي بنياد تي هُنن پنهنجن تعلقات جي عمارت تعمير ڪئي. اهو سڀ سندن ذاتي ڪوششن جو نتيجو هو.
ڪتابن جي چونڊ به انهيءَ عمل جو حصو آهي. هنن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هُنن ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو پيشه ورانه طور تي نه ڪيو. جنهن ڪتاب کي به هُنن ترجمي لاءِ چونڊيو اهو هميشه سندن پسند موجب هوندو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ سندن مزاج مطابق وضعداريءَ جو هجڻ لازمي جُز هو.
اها وضع داري ۽ قدر ڪهڙا هئا؟ اهي قدر مساوات، ترقي پسندي، عورتن جا حق، انساني وقار جو احترام، امن امان ۽ محبت تي مشتمل هئا. اهو فقط مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ طبقن جي ثقافت ۽ طرز زندگي کي سمجهڻ ۽ واڌاري جو مشن نه هو، پر انهن قدرن کي به هٿي وٺائڻي هئي جيڪا سندن پنهنجي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ ظاهر هئي. ولي رام ولڀ جو هڪ نظم جيڪا هُنن پنهنجي ڌيءَ گوري جي جنم ڏينهن تي لکيو، اهو نظم عورتن جي حقن ۽ خود مختياري تي سندن آزاد خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو:
پياري ڌيءَ گوري جي جنم ڏينهن تي:
هيءُ جو لغڙ تون آسمان ۾ اڏارين پئين
اهو ٺيڪ ته اڏارين پئين
هاڻي نظر لغڙ ۾ رک
۽ ان جو مانجهو پنهنجي ٻارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏ
لغڙ جي ڏور کي مظبوطيءَ سان جهلي رک
پنهنجي تدبر سان
پنهنجي همسفر جي صلاح سان
ان کي هٿ جي موڙ سان ايئن جهٻي ڏي
جو لغڙ آسمان ۾ مٿي اڏامي
ٽڪ ٻڌي بيهي رهي
۽ پري کان ان کي ڏسندو رهي
خوش ٿيندو رهي
تنهنجو بابا