ٻوليءَ جو جبر

زبيده مصطفى

ترجمو: انيتا ڪمليشور

جڏهن کان پاڪستان ۾ تعليمي هنگامي صورتحال جو اعلان ڪيو ويو آهي، عوامي حلقن ۾ تعليم جو ذڪر زور شور سان شروع ٿي رهيو آهي ۽ اهو ٻيون ڀيرو ٿيو آهي ته انهيءَ موضوع تي لڳاتار سيمينار ٿي رهيا آهن ۽ ميڊيا پهرين کان وڌيڪ انهيءَ مسئلي تي ڌيان ڏيئي رهيو آهي. پر حقيقت ۾  هيٺاهين سطح تي ڪا تبديلي نه ٿي رهي آهي. انهيءَ تاريڪ منظر نامي م هڪڙو ئي خوش ڪندڙ اعلان ٻڌڻ ۾ آيو.

بيلا رضا جميل کي ايشيائي خطي لاءِ گلوبل ايجوڪيشن ميڊل سان نوازيو ويو آهي. بيلا تعليمي اداري آگهي جي سرگرم سربراهه آهي. بيلا کي اهو اعزاز به مليل آهي ته هوءَ پاڪستان ۾ تعليم جي  شعبي سان واسطو رکندڙ انهن چند ماڻهن مان هڪ آهي جن نه فقط زباني ڳالهيون ڪيون پر سندن عملي ڪمن جي ڪري لکين ماڻهن جي زندگيءَ تي  مثبت اثربه پيو آهي.

بيلا 2011 ۾ پاڪستان لرننگ فيسٽيول جي شروعات ڪئي، جيڪو هزارين ٻارن جي سکڻ جو هڪ غير رسمي طريقو ثابت ٿيو آهي. پاڻ 2008 ۾ ASER   (پاڪستان) قائم ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ ٻارن جي سکڻ جي نتيجي کي جاچڻ آهي. تازو ئي هُن ٻارن جي ڪتابن جي پبلشر جي حيثيت سان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهي ڪتاب مقامي ٻوليءَ ۾ به شايع ٿيندا آهن.

بدقسمتيءَ سان  تعليمي مسئلن بابت بيلا جون مختلف تجويزون اسان جي پاليسي ٺاهڻ وارن جي ذهن ۽ سوچ کي بدلائڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. هي اُهي پاليسي ٺاهڻ وارا آهن جن سان بيلا ڪم ڪندي رهي آهي. هڪ مسئلو جنهن جي ڪري آئون ڪيترن ڏهاڪن کان هميشه پريشان رهي آهيان ۽ بيلا به انهيءَ مسئلي کي چڱي طرح سمجهي ٿي. اهو آهي تعليم جي ٻولي جو مسئلو. ايئن لڳي ٿو ته حڪومت، معاشري، تعليم جي ماهرن، اسڪول انتظاميه ۽ توڙي جو والدين به ٻارن تي ظلم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻارن جي خوشيءَ کي انگريزي زبان تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

ها ڪجهه سرڪاري آفيسر ۽ تعليمي ماهر هاڻي سنجيدگيءَ سان انهيءَ حقيقت کي قبول ڪن ٿا  ته استادن جي گهڻائي انگريزي زبان کان ناواقف آهي جنهن سان سندن پڙهائڻ واري ڪارگردگي متاثر ٿئي ٿي. ان جي باوجود به غير واضح پاليسي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نه ٿوکنيو وڃي .

اسڪول جي ابتدائي تعليمي مرحلي ۾ ئي ننڍن ٻارن تي انگريزي ٻولي مسلط ڪري، بيوقوفيءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو. افسوس جو انهيءَ وڏي غلطي تي ڪابه جاڳرتا مهم نه ٿي هلائي وڃي. شاگرد انهيءَ ڌاري ٻوليءَ کان خوفزده آهن. جيڪڏهن ننڍي هوندي شروعاتي تعليم جا ڪجهه سال مادري ٻولي يا علائقائي ٻوليءَ کي استعمال ڪيو وڃي ته ٻارن کي اسڪول هڪ دوستانه ۽ سکڻ جوڳي جڳهه محسوس ٿيندي. جيڪڏهن ٻوليءَ جي تبديليءَ جو سفر آهستي آهستي ٿئي ۽ ان وقت ٿئي جڏهن شاگرد نفسياتي ۽ ذهني طرح ان لاءِ تيار هجي ته اهو ئي مناسب ۽ ڪارگرعمل ثابت ٿيندو. جيڪڏهن انهيءَ ڪرت کي اپنايو وڃي ته ڌاري ٻولي پڙهڻ ۾ به ڪا  تڪليف نه ٿيندي.

موجوده گڏيل طريقي ۾ پڪ سان ڪا وڏي غلطي آهي ، جنهن ۾ استاد پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، درسي ڪتاب انگريزي ۾ آهن ۽ شاگردن مان اميد ٿي ڪئي وڃي ته اهي انگريزيءَ ۾ لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن. اهو جبري عمل ايستائين جاري رهندو جيستائين پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت نه ڏني ويندي. انهيءَ سبب جي ڪري ٻار ڳالهائڻ کان لنوائيندو ۽ گونگو رهندو يا وري رٽا لڳائيندو ۽ ڪڏهن به تخليقي ۽ تنقيدي سوچ نه پرائي سگهندو.

اصل حقيقت اها آهي ته اسان کي پٺيان ڌڪيو پيو وڃي. گذريل سال تائين سنڌ ۾ ٻوليءَ جي تعليمي پاليسي ٻين علائقن کان ڪجهه بهتر هئي. ڇو جو انهيءَ ۾ اها منطق هئي ته جن علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي گهڻائي آهي اتي تعليم جو ذريعو سنڌي هوندو ۽ جتي اردو ڳالهائيندڙ وڌيڪ آهن اتي تعليم جو ذريعو اردو هوندو. هر طبقي جي ٻارن ڌاري ٻوليءَ (اردو ۽ انگريزي) کي لازمي مضمون جي حيثيت سان سکيو، پر غير سرڪاري اسڪولن کي سندن مرضيءَ سان ڇوٽ ڏني ويئي هئي.

ڏکڻ ڪراچيءَ ضلعي جي مخصوص سرڪاري اسڪولن ۾ انگريزيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. ۽ اهو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي غير تحريري حڪمن مطابق ٿي رهيو آهي. اسان مذڪوره پاليسي جي تباه ڪن اثرن جي باري ۾ شايد ڪڏهن به نه ڄاڻي سگهون ڇو جو امتحاني بورڊ هميشه گهربل نتيجا ڏيڻ جا قائل رهيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جواسان جي بورڊ جا نتيجا اسان لاءِ بدناميءَ جو سبب آهن ۽ انهن نتيجن مان مستقبل جي اميدوارن جي صلاحيتن جو صحيع طرح اندازوئي نه ٿو لڳائي سگهجي.

نتيجو اهو ته اسان جي تعليم پنهنجو ڀروسو وڃائي چڪي آهي. هاڻي سمورو زور فقط انگ اکرن تي آهي. پاڪستان ۾ 2.6 ڪروڙ ٻار اسڪول نه ٿا وڃن ۽ اهو تعداد ملڪ لاءِ وڏي بي عزتي جو سبب آهي. تعليم جي انهيءَ مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ امير ۽ غريب جي طبقاتي تقسيم جو بنياد به ٻوليءَ جي ڪري ئي آهي پر افسوس جو انهيءَ جو ڪو ذڪر ئي نه ٿو ڪري.

اسان جا ڪامورا ۽ سندن حامي چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته اسان جي معاشري ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ نا برابري کي اسان جي انهيءَ تعليمي نظام ئي جنم ڏنو آهي. جنهن ۾ امير مٿاهين درجي جي اشرافيه اسڪولن ۾ ۽ غريب سرڪاري ۽ گهٽ فيس وارن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ويندا آهن. اهي غير سرڪاري اسڪول کين انگريزي نه ٿا سيکاري سگهن. انهيءَ طبقاتي نظام مان فائدو ڪير ٿو وٺي؟ بنا ڪنهن شڪ جي اهي سرمائيدار جيڪي اڄ جي گلوبلازڊ دور ۾ گهڻو اڳيان وڌي رهيا آهن.

اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته اسان کي خبردار نه ڪيو ويوآهي. با خبر رهڻ لاءِ توهان کي رابرٽ فلپس جو ڪتابLinguistic Imperialism   , پولر فريئر جو Pedagogy of the Oppressed  , زبان ۽ تعليم جي باري ۾ انتونيو گرامسي جا خيال ۽ ڊاڪٽر مونٽيسوري جي ڪتاب  The Absorbent Mind  جو مطالعو ڪرڻو پوندو.

اقتدار جي عهديدارن جبر ۽ رضابندي جي هڪ اهڙي مبهم حالت پيدا ڪري ڇڏي آهي جيڪا انهيءَ ڳالهه جي ضامن آهي ته ٻوليءَ جي پاليسي خلاف ڪو به عوامي احتجاج نه ٿيندو.

انهن حالتن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ جي حقن جي حامين کي پاسيرو رکيو ويو آهي.