زبيده مصطفٰی
ترجمو: انيتا ڪمل
تازو ئي مون کي هڪ نهايت اطمينان بخش تجربو ٿيو،جنهن مون کي ٻارن جي حوالي سان اميد ڏيکاري. مون استادن جي هڪ ڪورس دوران پنجن ليڪچرس ۾ هڪ مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جيڪو پاڪستان مونٽيسوري ايسوسيئيشن ڪراچي جي تعاون سان رٿيو ويو هو.
انهن ليڪچرس منهنجي اندرکي متحرڪ ڪري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته اسان پنهنجي ٻارن ۽ ملڪ کي ناڪام ڪيئن ڪري رهيا آهيون. اهووليم ورڊس ورٿ هو، جنهن هڪ نظم ۾لکيو هو: “ٻار، ماڻهوءَ جو پيءُ آهي.” پر اسان جي رياست ۽ معاشرو اسان جي آئيندي جي شهرين جي روح کي تباهه ڪري رهيا آهن.
Continue reading ٻار جي پيروي ڪريو